جون رضه

جون رضه: حضرت جون رضه، حضرت امام حسين عه جي صحابين مان هو. حضرت جون رضه نوبه جو هڪ حبشي هو. حضرت علي ابن ابي طالب عليه السلام هن کي فضل بن عباس کان هڪ سؤ دينارن عيوض خريد ڪري ابوذر غفاري رضه کي بخشي ڇڏيو هو. حضرت جون رضه ابوذر غفاري رضه وٽ رهيو. جڏهن ابوذر غفاري رضه کي ٽئين خليفي ربذه ڏانهن جي طرف جلاوطن ڪيو ته جون رضه به ساڻس گڏ هو، جڏهن ذوالقعد 32 هه/ جون 653ع ۾ حضرت ابوذر غفاريءَ انتقال ٿيو، تڏهن حضرت جون واپس مديني آيو ۽ حضرت علي عليه السلام جي خدمت ۾ رهيو. حضرت علي عليه السلام جي شهادت کانپوءِ حضرت امام حسن عه سان رهيو ۽ حضرت امام حسن عه جي شهادت کانپوءِ حضرت امام حسين عه جي خدمت ۾ رهيو. حضرت امام حسين عه جڏهن مدينو ڇڏي ڪربلا ۾ آيو ته حضرت جون به ساڻس گڏ هو. جون رضه جنگي هٿيارن جي شناخت ۾ وڏي مهارت رکندو هو، انهيءَ ڪري عاشوري جي رات امام حسين عه جي لشڪر جي جنگي هٿيارن جي جاچ حضرت جون رضه جي ذمي هئي.
’مقتل لهوف‘ ۾ علامه سيد علي بن طاؤس الحسينيءَ کان روايت آهي ته جڏهن حضرت جَون جهاد جي اجازت گهُري ته امام حسين عليه السلام فرمايو ته اي جون! تون خوشحاليءَ سبب اسان سان گڏ هئين. هاڻي اسان جي ڪري مصيبت ۽ هلاڪت ۾ قدم نه رک، منهنجي طرفان توکي اجازت آهي. تون ڀلي هليو وڃ.“ ان تي حضرت جون عرض ڪيو اي فرزند رسول صلي الله عليه وآلھ وسلم! ڇا خوشحاليءَ جي زماني ۾ توهان سان گڏ هجان ۽ مصيبت ۾ توهان کي ڇڏي هليو وڃان؟ خدا جو قسم اهو ممڪن نه آهي. مان ڀلي ڪارو آهيان ۽ منهنجي پگهر ۾ خوشبوءِ نه آهي، پر آءٌ پنهنجو سر اسلام تان قربان ضرور ڪندس، توهان مون کي اجازت ڏيو.“ ان تي حضرت امام حسين عليه السلام حضرت جَون عه کي يزيدي فوج سان جهاد ڪرڻ لاءِ موڪليو. جون رضه جنگ ڪندي، 25 مخالفن کي مارڻ بعد پاڻ به شهيد ٿي ويو. حضرت جون رضه جي شهادت 10 محرم الحرام 61 هه/ 10 آڪٽوبر 680ع تي ٿي. سندس لاش گنج شهيدان ۾ مدفون آهي .


لفظ جون رضهھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو